Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:23 - Hindu Sindhi Bible

23 پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي وشواسي بہ هن سان گڏ هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهن تي هن کين سڏي پاڻ وٽ ٽڪايو. ۽ ٻئي ڏينهن هو اُٿي ساڻن روانو ٿيو، ۽ يافا مان ڪي ڀائر بہ ساڻن گڏجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي ايمان وارا بہ هن سان گڏ هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين. ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي ڪرپا آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ ايشور جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ پرميشور اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


پوِتر آتما مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين.


جڏهن روم جي وشواسين اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ ايشور جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.


يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي.


جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي وشواسين کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي وينتي ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“


هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي پرڀو يسوع تي وشواس آندو.


اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو پرميشور جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهمان‌نوازي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ