Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:14 - Hindu Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماتا ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.


پوري وشواس سان اوهين جيڪي بہ پرارٿنا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“


اتي ڪيتريون ئي ناريون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان يسوع جي سيوا ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.


اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.


سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن.


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آڪاش وارو پتا اوهان گھرڻ وارن کي پوِتر آتما ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هر وقت پرارٿنا ڪندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل ناريون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ يسوع کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.


جيڪي ناريون گليل کان يسوع سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ يسوع جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي.


جن نارين انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماتا مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون.


پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن چيلن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو.


اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهيا.


تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماتا ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“


جڏهن پنتيڪُست جي تهوار جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي وشواسي اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا.


اهي پنهنجو وقت سنتن کان سکڻ، هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ، گڏجي رسوئي کائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت پرارٿنا ۽ پرچار جي ڪم ۾ گذارينداسين.“


اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ هميشہ مگن رهو.


تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها پرارٿنا ڪرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


پرارٿنا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مگن رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ