Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:1 - Hindu Sindhi Bible

1-2 شري ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين شاستر ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي يسوع پنهنجي سيوا واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پوِتر آتما جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري چونڊيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1-2 محترم ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين ڪتاب ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي عيسيٰ پنهنجي خدمت واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا رسول ڪري چونڊيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1-2 محترم ٿئوفلس: مون پنھنجي پھرين ڪتاب ۾ اُھي سڀ ڳالھيون لکيون آھن، جيڪي عيسيٰ پنھنجي ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. ھن آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انھن ماڻھن کي ھدايتون ڏنيون، جن کي پنھنجا رسول ڪري چونڊيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


انهن ڏينهن کان پوءِ سندس پتني اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ


تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي.


نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘


تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي يسوع ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو ايشور توڙي سڄي خلق اڳيان چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ شڪتيءَ وارو سنت هو.


جڏهن يسوع پاڻ سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. يسوع کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ