Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ اهڙن جون گهُرجون پوريون ڪريون، تہ سچائيءَ ۾ سندن هم خدمت ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو.


”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.


تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


جيستائين طيطس جو واسطو آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ سيوا ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر منڊلين جا نمائندا ۽ مسيح جي مهما جو سبب آهن.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن.


يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مسيح تي وشواس رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي ايشور جي راڄ جو پرچار پئي ڪيو آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.


پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو وشواسي ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ايشور جو سيواداري آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،


تو سان گڏ هي خط اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس ۽ تنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ وشواسي منڊليءَ لاءِ پڻ آهي.


سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر پرچار ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير وشواسين جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.


مون تنهنجي وشواسي منڊليءَ ڏانهن ڪجھہ لکيو هو. پر ديترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو منهنجي اختياري نہ ٿو مڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ