Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اي منهنجا پيارا! جيڪي پرچار ڪرڻ وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنهنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آهن، تڏهن بہ تون سچائيءَ سان انهن جي سيوا ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اي پيارا، جيڪي ڀائر تو وٽ مسافر طور ٿا اچن، تن کي جيتوڻيڪ تون سڃاڻين ڪونہ، تہ بہ جيڪي تون ڪرين ٿو سو ايمان جو ڪم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اي منهنجا پيارا! جيڪي تبليغ ڪرڻ وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنهنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آهن، تڏهن بہ تون سچائيءَ سان انهن جي خدمت ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اي پيارا! جيڪي ايمان وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنھنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آھن، تڏھن بہ تون سچائيءَ سان انھن جي خدمت ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟


جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين.


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي وشواس رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ پرڀو يسوع جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي ايشور پتا جو شڪر ڪندا رهو.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر پرچار ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو تہ جڏهن خوشخبريءَ جي ڪن پرچار ڪرڻ وارن اچي اها شاهدي ڏني تہ تون سچ تي قائم رهندي سچائيءَ سان جيون گذاري رهيو آهين، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ