Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.تيمٿيس 2:11 - Hindu Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين يسوع مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيوت بہ رهنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيئرا بہ رهنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين، تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.تيمٿيس 2:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿوري وقت کان پوءِ سنسار مون کي وري نہ ڏسندو، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ جيوت آهيان تنهنڪري اوهين بہ جيوت هوندا.


جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيوت ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين.


هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو وشواس آهي تہ ساڻس گڏ جيوت رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين،


هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي سوليءَ تي چڙهي ويو، تڏهن بہ ايشور جي شڪتيءَ سان جيوت آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيوت رهندي اسين ايشور جي شڪتيءَ سان اوهان سان واسطو رکنداسين.


مطلب تہ اسين يسوع جو موت هر وقت پنهنجي شرير ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي شرير ۾ ظاهر ٿئي.


انهيءَ کان پوءِ اسان وشواسين مان جيڪي ان وقت جيوت هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ پرڀو يسوع جو ڀليڪار ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ پرڀو يسوع سان هميشہ گڏ رهنداسين.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيوت هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيوت رهون.


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ يسوع مسيح پاپين کي مڪتي ڏيڻ لاءِ سنسار ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو پاپي آءٌ آهيان.


اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو وشواسي منڊليءَ ۾ سنڀاليندڙ جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.


اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي. سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ايشور تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ