Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:8 - Hindu Sindhi Bible

8 اسان مفت جي روٽي نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اسان مفت جي ماني نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.


اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري پنهنجيون ۽ پنهنجي سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آهن.


اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين سندن لاءِ پرارٿنائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.


ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ سيوا جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟


مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.


جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان وشواسين اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي ايشور جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.


جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ شانتيءَ وارو جيون گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.


اسين پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ