Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:15 - Hindu Sindhi Bible

15 پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ هم‌وشواسي سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهن هوندي بہ انهي کي دشمن نہ ڄاڻو، بلڪ ڀاءُ سمجهي نصيحت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ هم‌ايمان سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھن ھوندي بہ ھن کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ ايمان وارو سمجھي کيس تنبيھہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪڏهن اوهان جو ڪو وشواسي ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ وشواسيءَ کي موٽائي آندو.


آءٌ هي ڳالهيون اوهان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنهنجا پيارا ٻار سمجھي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان.


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس شرير واريون خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس آتما پرڀوءَ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


پرڀو يسوع اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي وشواس ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو پرڀو يسوع مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم رويي سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي ڌيرج سان پيش اچو.


ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ وشواسيءَ کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب جيون نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.


وشواسي منڊليءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ واسطو نہ رک.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ