Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 2:12 - Hindu Sindhi Bible

12 اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي وشواس نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي پاپي قرار ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جيڪي سچ تي ايمان نٿا آڻين، ۽ ناراستيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي سزا ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي گنهگار قرار ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 2:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو وچن ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي پڪڙائي.


جيڪو بہ انهيءَ تي وشواس آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو مڪتي حاصل ڪندو، پر جيڪو وشواس نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو.


جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.


جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


پيار ۾ پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


پر جيڪي مطلبي آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي ايشور جو ڏمر ۽ قهر پرگھٽ ٿيندو.


پريم بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿو ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي ڏمر سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مڪتي حاصل ڪريون.


انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين مڪتي ملي ها.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي رستي تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو ايشور جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن ايشور کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ