Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 1:10 - Hindu Sindhi Bible

10 مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِ⁠جو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 1:10
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آڪاش جا دوت ۽ نہ ئي پٽ، رڳو پتا ئي اهو ڄاڻي ٿو.


”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي پرڀو! اي پرڀو! اسان تنهنجي نالي تي ايشور جو سنديش نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي چمتڪار نہ ڪيا ڇا؟‘


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“


يسوع اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ ايشور جي مهانتا ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس پٽ جي بہ مهانتا ٿئي.“


جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي.


هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي،


تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


سو اهي منهنجي ڪري ايشور جي مهما ڪندا هئا.


ايشور چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس مهانتا جي مهما جو سبب ٿيون.


پوِتر آتما اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي ايشور جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن ايشور جي مهانتا جي مهما ٿئي.


آءٌ هيءَ بہ پرارٿنا ڪندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ ايشور جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ مهان آهي


انهيءَ لاءِ تہ سندس جوت سان ڀريل انهيءَ ڪرپا جي مهما ٿئي، جيڪا هن پنهنجي پياري پٽ ۾ اسان کي مفت بخشي.


اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ ديا جي وسيلي جيڪا يسوع مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي ڪرپا جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.


ايشور چاهيو ٿي تہ هاڻي وشواسي منڊليءَ جي وسيلي سندس طرح طرح جي ڏاهپ جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آڪاشي جاين ۾ آهن.


پرارٿنا ٿو ڪريان تہ هو پنهنجي مهانتا واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي شڪتي بخشي تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ ٻلوان ٿيو


انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر شڪتيءَ، پوِتر آتما ۽ پوري وشواس سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙو جيون گذاريوسين.


سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.


اسين اوهان کي همتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رهياسين تہ اوهين ايشور جي لائق جيون گذاريو، جيڪو اوهان کي پنهنجي راڄ ۽ جوت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ ايشور جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي ايشور جو سنديش مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن ايشور جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان وشواسين تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.


شل پرڀو يسوع ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي پرڀو پرميشور جي ديا ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ