2.پطرس 2:1 - Hindu Sindhi Bible1 پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي سکيا ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ نبي سڏائيندڙ ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي تعليم ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ بدعتون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament1 پر جيئن تہ بني اسرائيل ۾ پڻ نبي سڏائيندڙ ھئا جيڪي حقيقي نبي نہ ھئا، تيئن اوھان ۾ بہ ڪوڙا استاد پيدا ٿيندا. اھي ڳُجھہڳوھہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا. ايتري قدر جو انھيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنھن کين خريد ڪيو آھي. ائين ھو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.