Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 1:21 - Hindu Sindhi Bible

21 هائو، سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پوِتر آتما جي رهنمائيءَ سان ايشور جي طرفان ڳالهائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪڏھن بہ انسان جي پنھنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ ماڻھو پاڪ روح جي رھنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالھائيندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 1:21
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود تہ پاڻ پوِتر آتما جي هدايت تي چيو هو تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


جنهن جو هن پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي وسيلي وچن ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.


”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.


سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پوِتر آتما سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ


ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.


پوِتر آتما بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي پرميشور جو هي فرمان ٻڌائي ٿي تہ


سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پوِتر آتما فرمائي ٿي تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو،


انهيءَ مان پوِتر آتما هي اشارو ٿي ڏئي تہ جيستائين پوِتر خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين پوِتر ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي.


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ