Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.يوحنا 1:6 - Hindu Sindhi Bible

6 پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو ايشور اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان جيون گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان زندگي گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پيار جو مطلب اھو آھي تہ اسان کي خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گھرجي. سو جيڪو حڪم اوھان شروع کان ٻڌو آھي سو ھي آھي تہ اوھين پيار ۾ زندگي گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.يوحنا 1:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پتا پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“


تنهن تي يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پتا هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پتا هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ پٽ ۽ پتا ۾ قائم رهندا.


پر جيڪو ايشور جي سنديش تي عمل ڪري ٿو تہ بيشڪ انهيءَ شخص ۾ ايشور جو پريم مڪمل ٿي چڪو آهي. انهيءَ مان اسان کي يقين ٿئي ٿو تہ اسين ايشور ۾ آهيون.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي سنديش آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.


جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو.


ايشور سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ