Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:14 - Hindu Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هو پاڻ بہ اوهان جي لاءِ دعا ٿا گهُرن، ۽ خدا جو جيڪو گهڻو فضل اوهان تي آهي تنهن جي ڪري اوهان جا مشتاق ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اوهان تي خدا جي انهيءَ عظيم فضل کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان دعا گھرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنساري دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن امر گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.


مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.


هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايون ٿا، جيڪا مڪدُنيا جي وشواسي منڊلين تي ٿي آهي.


انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.


بهرحال ايشور جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي.


ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بي‌چين ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


بيشڪ، اسان جي پرميشور جي ڪرپا مون تي نهايت ئي گھڻي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري وشواس ۽ پريم بخشيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ