Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:13 - Hindu Sindhi Bible

13 انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ خدمت مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس تابعداري ڪريو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري خدا جي واکاڻ ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پتا جي مهما ڪن، جيڪو آڪاش تي آهي.“


جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!


”اوهين ڇو مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟


اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پتا جي جوت ظاهر ٿئي ٿي.


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا.


پر بني اسرائيل مان سمورن اها خوشخبري قبول نہ ڪئي آهي، جيئن يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس آندو؟“


جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري.


تہ ايشور مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير وشواسين کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ منهنجي سيوا قبول پوي.


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي وس هيٺ ٿا ڪريون.


جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ پرڀو يسوع جي طرفان مون لاءِ سيوا ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.


هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سيوا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“


ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا.


سو اهي منهنجي ڪري ايشور جي مهما ڪندا هئا.


تون وشواس جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ امر جيون کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، جيڪو هر جاندار کي جيون ٿو بخشي ۽ يسوع مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.


ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل آسيسن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ٻليدان ايشور کي پسند آهن.


تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


تنهنڪري اچو تہ انهيءَ وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مهان سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو آڪاش تي ايشور وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني ايشور جو پٽ يسوع.


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ