Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:12 - Hindu Sindhi Bible

12 هائو، هن سيوا جي پوري ڪرڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ ايشور جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو انهيءَ خدمتگاريءَ جي ڪري نہ فقط پاڪ ٿيلن جون گهُرجون پوريون ٿيون ٿين، پر انهي ڪري گهڻيئي ماڻهو خدا جي وڌيڪ شڪرگذاري بہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هائو، هن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ خدا جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو ھن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو ايمان وارن جون گھرجون پوريون ٿين ٿيون، بلڪ اھا گھڻن ماڻھن جي طرفان خدا جي شڪرگذارين جي ڪري گھڻي وڌي بہ وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.


جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي.


هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سيوا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“


يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري سيوا بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي،


هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، ساٿي سيواداري ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو نياپو پهچائيندڙ بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيوڪ طور مون ڏانهن موڪليو هو.


جيڪڏهن ڪنهن وٽ سنسار جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس ديا نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا ايشور جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ