Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:11 - Hindu Sindhi Bible

11 ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي ايشور جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ هر طرح جي سخاوت لاءِ دولتمند ٿيندا، جنهنڪري اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاري ڪرڻ ۾ ٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اوھين ھر شيءِ ۾ آسودگي ڏسي ھر طرح جي سخاوت ڪندا، جيڪا اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب ھوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي ساڙ ٿو ٿئي ڇا؟‘“


اهڙيءَ طرح جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن بہ ٻيا ٻہ هزار ڪمايا.


جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري.


جو مسيح ۾ اوهين هر قسم جي ڳالهائڻ ۾ توڙي هر طرح جي ڄاڻ جي لحاظ کان مالا مال ٿي ويا آهيو.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.


هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪا ڪرپا گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي، تنهن جي وسيلي ايشور جي مهما لاءِ ماڻهن جي شڪر ادا ڪرڻ ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.


ايشور جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


منڊليون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن دان کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ سيوا انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان پرميشور جي مهما ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي.


هائو، هن سيوا جي پوري ڪرڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ ايشور جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ