Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:3 - Hindu Sindhi Bible

3 آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو آئون شاهدي ٿو ڀريان تہ انهن پنهنجي وت آهر، بلڪ پنهنجي وت کان وڌيڪ خوشيءَ سان ڏنو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 آءٌ شاھدي ٿو ڏيان تہ انھن پنھنجي حيثيت آھر، بلڪ پنھنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ناريءَ کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي شرير تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي.


اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.


هنن بابت آءٌ اها شاهدي ٿو ڏيان تہ ايشور جي لاءِ کين جذبو تہ آهي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن


هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،


پوءِ شڪرگذاريءَ واري اوهان جي اها خوشي هاڻي ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو شاهد آهيان تہ ان وقت جيڪڏهن ٿي سگھي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها.


جڏهن تہ اهو ايشور ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


آءٌ سندس شاهدي ٿو ڏيان تہ هو اوهان لاءِ توڙي لوديڪيا ۽ هيراپلس شهرن جي وشواسي منڊلين لاءِ سخت محنت ٿو ڪري.


انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ پريت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو ايشور جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ايشور جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي سنڀال ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن ايشور چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ