Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:15 - Hindu Sindhi Bible

15 جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪيئن نہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي اوهان هن جي مهمان‌نوازي ڪئي هئي، تڏهن سندس دلي پريم اوهان لاءِ گھڻو وڌي ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪيئن نہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي اوهان هن جي مهمان‌نوازي ڪئي هئي، تڏهن سندس دلي محبت اوهان لاءِ گھڻو وڌي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 جڏھن ھن کي اوھان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪھڙيءَ طرح ادب ۽ تابعداري ڪندي اوھان ھن سان گڏيا ھئا، تڏھن سندس دلي محبت اوھان لاءِ گھڻي وڌي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:15
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ناري ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي سنسار ۾ جنم ڏنو آهي.


تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو.


آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.


ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ جيڪا جاءِ آهي سا گھٽ نہ ٿي آهي، پر اوهان جي دلين ۾ اسان لاءِ جاءِ گھٽجي ويئي آهي.


اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن سنساري مالڪن جا بہ صاف‌دليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو.


ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.


تنهنڪري جيئن اوهين ايشور جا چونڊيل، پوِتر ۽ پيارا آهيو، تيئن ديا، ڪرپا، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ ڌيرج کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.


جيڪڏهن ڪنهن وٽ سنسار جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس ديا نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا ايشور جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ