Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:10 - Hindu Sindhi Bible

10 حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو مڪتي آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ سنساري غم موت پيدا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو ڇوٽڪارو آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:10
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح ايشور جي دوتن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ پاپي توبهہ ٿو ڪري.“


پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آڪاش ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي ايشور! مون پاپيءَ تي ديا ڪر.‘


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،


هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو ايشور متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪري پاپ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.


هاڻي آءٌ خوش آهيان، انهيءَ لاءِ نہ تہ اوهين غمگين ٿيا هئا، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي غمگينيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو اوهان توبهہ ڪئي. سو اوهان جي غمگيني ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهنڪري اسان جي طرفان اوهان کي ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ پهتو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن آسيس جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ آسيس کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ