Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:1 - Hindu Sindhi Bible

1 اي پريميؤ! جڏهن اسان سان اهڙا وچن ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پوِتر ڪريون جيڪا اسان جي شرير ۽ آتما ٻنهي کي اپوِتر ڪري ٿي ۽ ايشور جو خوف رکندي مڪمل طرح پوِتر ٿي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:1
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي.


سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي ايشور کي ڏسندا.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ وشواسي منڊليءَ کي شانتي ملي. اها پرميشور جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان وڌندي ويئي.


مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو.


ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


ياد رکو، ايشور اسان کي اپوِتر جيون گذارڻ لاءِ نہ، پر پوِتر جيون گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


اوهين ايشور جي انهن پهريتن يعني چونڊي پوِتر ڪيلن جي منڊليءَ ۾ آيا آهيو، جن جا نالا ايشور وٽ آڪاش تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي انصاف ڪندڙ ايشور وٽ آيا آهيو. اوهين ايشور آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي آتمائن وٽ آيا آهيو.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي راڄ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو لڏي وڃڻ وارو ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي مان‌سمان ۽ خوف سان ڀڳتي ڪريون جو اها ايشور کي پسند اچي،


بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو وچن اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي.


پر اي پريميؤ! جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون لکون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي باري ۾ انهن بهترين ڳالهين جو يقين ٿا رکون، جيڪي مڪتيءَ سان لاڳو آهن.


ايشور جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي پاپيؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پوِتر ڪريو.


انهيءَ جي بدران اوهين پنهنجي سموري هلت چلت ۾ اهڙيءَ طرح پوِتر ٿيو، جهڙيءَ طرح اوهان جو سڏڻ وارو پوِتر آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين پرارٿنا ڪندي ايشور کي پتا ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجو هي مسافرن وارو جيون سندس خوف ۾ گذاريو.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي وس هيٺ رهڻ سان پاڻ کي پوِتر ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي پريم جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري تن ۽ من سان پاڻ ۾ گَهرو پريم رکو.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن سنسار ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي شرير جي انهن خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي آتما سان جنگ ٿيون جوٽين.


هاڻي ايشور، جيڪو هر طرح جي ڪرپا جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي امر جوت ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پوِتر ڪري جهڙو مسيح پوِتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ