Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 5:6 - Hindu Sindhi Bible

6 تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري خاطري ٿي رهي، توڙي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيستائين اسين پنهنجي هن شرير واري گھر ۾ رهون ٿا، تيستائين پرڀو يسوع جي گھر کان پري آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري همت ٿي رهي، ۽ خبر اٿئون تہ جيسين جسماني گهر ۾ آهيون، تيسين خدا کان پري آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري خاطري ٿي رهي، توڙي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيستائين اسين پنهنجي هن جسم واري گھر ۾ رهون ٿا، تيستائين خداوند عيسيٰ جي گھر کان پري آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 تنھنڪري اسان کي ھميشہ پوري خاطري ٿي رھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ جيستائين ھي جسم اسان جو گھر آھي تيستائين اسين خداوند کان پري آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 5:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو شرير جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.


هاڻ اسان کي هن شرير ۾ پوري خاطري آهي، تنهن هوندي بہ هن شرير واري گھر کي ڇڏي پرڀو يسوع وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.


سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو لاڀ مهان آهي.


اهو وشواس ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڌرتيءَ تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا خواهشمند آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي.


اوهان وشواسين ۾ جيڪي منڊلين جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جوت ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ