Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 5:20 - Hindu Sindhi Bible

20 تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ ايشور اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ ايشور کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ خدا اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 5:20
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


تنهن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’رستن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منهنجو گھر ڀرجي وڃي،


تڏهن يسوع وري چين تہ ”اوهان تي شانتي هجي. جيئن پتا مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“


اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، اپمانن ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.


اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.


تنهنڪري پرميشور جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ ايشور جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. پرارٿنا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.


ايشور جي مرضي اها بہ هئي تہ سوليءَ تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي ڌرتيءَ تي هجن توڙي آڪاش ۾.


تنهنڪري جيڪو هيءَ سکيا رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ ايشور کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ