Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:11 - Hindu Sindhi Bible

11 هائو، اسين جيوت حالت ۾ يسوع جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي ناس ٿيندڙ شرير ۾ ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هائو، اسين زندہ حالت ۾ عيسيٰ جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.


يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جو روپ مليو آهي، تهڙي نموني آڪاش واري جو روپ بہ ضرور ملندو.


مطلب تہ اسين يسوع جو موت هر وقت پنهنجي شرير ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي شرير ۾ ظاهر ٿئي.


ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ جيون اثر ڪري ٿو.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ شرير کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آڪاشي گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي ناس ٿيندڙ شرير جيون ۾ بدلجي وڃي.


جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيوت رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ