Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:6 - Hindu Sindhi Bible

6 اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين عهد جا خدمتگار هئڻ جي لائق ڪيو. اهو عهد لکيل شريعت جو نہ پر پاڪ روح جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل شريعت جو اثر موت آهي جڏهن تہ پاڪ روح زندگي ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:6
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ نيم شاستري آڪاش جي راڄ جو چيلو ٿئي ٿو، سو پنهنجي ڄاڻ مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو.


تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.


جيئن پتا مئلن کي جيوت ڪري کين جيون ڏئي ٿو، تيئن پٽ بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي جيون ڏئي ٿو.


جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.


انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين.


مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي.


ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


پر هاڻ اسين نيم جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پوِتر آتما واري نئين جيون جا پابند آهيون.


پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


اهڙيءَ طرح هن رسوئي کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“


ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيوت جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح آتمڪ شرير ٿي جيون بخشيندڙ بڻيو.


سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي.


ڇا هو ئي مسيح جا سيوڪ آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر سيوڪ آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي وچن‌نامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي سيوا جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر جيوت ايشور جي آتما سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


هاڻي موت وارو اهو ٻڌل وچن جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي سيوا اهڙي تہ جوت واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اها جوت عارضي هئي ۽ هاڻي نہ رهي آهي.


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي.


تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.


گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ پاپن جي ڪري مئل هئا.


اسان کي مسيح سان گڏ جيوت ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا پاپن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي بچي ويا آهيو.


ايشور جي ڪرپا جي انهيءَ بخشش سان، جيڪا سندس شڪتيءَ جي اثر ڪري مون کي ملي هئي، آءٌ انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ بڻايو ويس.


جيڪڏهن تون وشواسين کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ يسوع مسيح جو سٺو سيواداري ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ وشواس وارين ڳالهين ۽ سٺي سکيا سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.


مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو اعلان ڪندڙ، پرچار جو اختيار رکندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ مقرر ڪيو ويو،


اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


هاڻ شانتي بخشيندڙ ايشور جنهن رڍن جي مهان ڌنار، يعني اسان جي پرڀو يسوع کي سندس رت سان ٻڌل امر وچن جي وسيلي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريو،


قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو.


ايشور هن ٻڌل وچن کي نئون چئي پهرئين ٻڌل وچن کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


اسين اوهان ڏانهن جيون جي وچن بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ