Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 2:9 - Hindu Sindhi Bible

9 ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 سو مون انھيءَ لاءِ اوھان کي لکيو تہ جيئن اوھان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ منھنجا فرمانبردار آھيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 2:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح وس هيٺ ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.


مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.


سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪريو.


اها هن ڳالهہ مان ظاهر ٿي جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو.


تنهنڪري اوهين سندن سيوا ڪري پنهنجو پريم ۽ اهو فخر جيڪو اسان کي اوهان تي آهي، سو منڊلين جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو.


تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.


جڏهن تہ تيمٿيس جي ڀروسي جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين سيوا ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پتا سان گڏجي ڪم ڪري.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.


آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ