Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 2:15 - Hindu Sindhi Bible

15 هائو، اسين ايشور جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا مڪتي حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هائو، اسين خدا جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 2:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ، سوليءَ جو هي سنديش انهن جي نظر ۾ مورکتا آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي مڪتي حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو ايشور جي شڪتي آهي.


اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري.


انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين مڪتي ملي ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ