Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 2:12 - Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ پرڀو يسوع جي طرفان مون لاءِ سيوا ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هاڻي جڏهن آئون تروآس ۾ مسيح جي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ آيس ۽ خداوند ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو در کُليو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ خداوند عيسيٰ جي طرفان مون لاءِ خدمت ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 2:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو.


تروآس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي اسين سڌا سمتراڪي ٻيٽ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن نياپُلس بندرگاهہ تي پهتاسون.


تنهنڪري اهي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس شهر ۾ آيا.


جنهن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي هئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.


جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن يسوع مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون.


ساڳيءَ طرح پرڀو يسوع بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.


پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ پرچار ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جو پرچار نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي.


جيڪڏهن اسين اوهان تائين نہ پهچون ها تہ پوءِ اسان جو فخر حد کان وڌيڪ ليکجي ها. پر اسان تہ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندي اوهان تائين پهريائين پهچي ويا هئاسين.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي يسوع جي باري ۾ ڪو ٻيو پرچار ڪري ٿو، جيڪو پرچار اسان نہ ڪيو هو. ان کان علاوہ اوهين مليل پوِتر آتما جي بدران ٻي آتما قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.


ڀلا ڇا منهنجو ڏوهہ اهو آهي جو مون اوهان کي ايشور جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائڻ سان پنهنجو پاڻ کي هيٺاهون ڪيو تہ جيئن اوهان جو مان مٿاهون ٿئي؟


پر جيڪڏهن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آهي تہ اها خوشخبري انهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.


اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري وشواسين جي سڀني منڊلين ۾ ڪئي وڃي ٿي.


انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.


انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.


پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو وشواسي ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ايشور جو سيواداري آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ