Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 2:1 - Hindu Sindhi Bible

1 سو مون پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي تہ آءٌ وري اوهان وٽ اچي رنج واري حالت پيدا نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پر مون پنهنجي لاءِ اهو پڪو ارادو ڪيو هو، تہ آئون وري اوهان وٽ غمگين ٿي ڪين ايندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سو مون پنهنجيءَ دل ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي تہ آءٌ وري اوهان وٽ اچي رنج واري حالت پيدا نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 مون پنھنجيءَ دل ۾ اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ آءٌ وري اوھان وٽ غمگين ٿي نہ ايندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 2:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.


پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ منڊليءَ جي اڳواڻن کان پڇن.


برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.


مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ يسوع مسيح، بلڪ سندس سوليءَ تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان.


اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟


جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.


سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل ايشور منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو پرڀو يسوع مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي.


جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ