Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:4 - Hindu Sindhi Bible

4 هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي سوليءَ تي چڙهي ويو، تڏهن بہ ايشور جي شڪتيءَ سان جيوت آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيوت رهندي اسين ايشور جي شڪتيءَ سان اوهان سان واسطو رکنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي صليب تي چڙهي ويو، تڏهن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيئرا رهندي اسين خدا جي قدرت سان اوهان سان واسطو رکنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پتا وٽان مليو آهي.“


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.


مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيوت ماڻهن جو مالڪ ٿئي.


تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پتا جي مهان شڪتيءَ سان مئلن مان جيوت ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر جيون گذاريون.


ياد رکو، ايشور جون جيڪي ڳالهيون مورکتا ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ ايشور جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.


اهو بي‌قدريءَ سان پورجي ٿو، پر شان وَ شوڪت سان جيوت ٿئي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ٿي جيوت ٿئي ٿو.


آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.


انهيءَ ڪري ايشور جهڙيءَ طرح پنهنجي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع کي جيوت ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيوت ڪري اٿاريندو.


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، اپمانن ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.


سو جيڪڏهن اوهين سچ پچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ پرارٿنا ٿا ڪريون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو.


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي شڪتيءَ کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ