Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:6 - Hindu Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ گيان ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آئون خوش تقريريءَ ۾ گهٽ آهيان، تہ بہ علم ۾ اهڙو نہ آهيان؛ بلڪ اهو اسان سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني ماڻهن جي اڳيان اوهان وٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو سوليءَ تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.


ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.


هڪڙي کي پوِتر آتما ڏاهپ سان ڳالهائڻ جو وردان بخشي ٿي تہ ٻئي کي ساڳي پوِتر آتما ڄاڻ سان ڳالهائڻ جو وردان ٿي بخشي.


اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پوِتر آتما جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پوِتر آتما جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پوِتر آتما رهي ٿي.


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ چمتڪارن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


تنهنڪري پرميشور جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ ايشور جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.


انهن کان علاوہ پوِترتائيءَ سان، ڄاڻ سان، ڌيرج سان، ڪرپا سان، پوِتر آتما سان، حقيقي پريم سان،


اسان کي پنهنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنهن سان بہ ناحق نہ ڪيو آهي، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو آهي ۽ نہ وري ڪنهن کان ناجائز فائدو حاصل ڪيو آهي.


اهو پڙهي اوهان کي سڌ پئجي ويندي تہ مسيح جو اهو ڀيد آءٌ ڪيتري قدر سمجھان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ