Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:4 - Hindu Sindhi Bible

4 اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي يسوع جي باري ۾ ڪو ٻيو پرچار ڪري ٿو، جيڪو پرچار اسان نہ ڪيو هو. ان کان علاوہ اوهين مليل پوِتر آتما جي بدران ٻي آتما قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي عيسيٰ جي باري ۾ ڪا ٻي منادي ڪري ٿو، جيڪا منادي اسان نہ ڪئي هئي. ان کان علاوہ اوهين مليل پاڪ روح جي بدران ٻيو روح قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“


ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ ايشور جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد يسوع مسيح آهي.


ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي مورکتا کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.


جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ پرڀو يسوع جي طرفان مون لاءِ سيوا ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.


آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پوِتر آتما اوهان کي خوشخبري ٻڌي وشواس آڻڻ ڪري ملي يا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري؟


جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي سکيا نہ ڏين،


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ