Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:29 - Hindu Sindhi Bible

29 ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن جي ڪري ڪو ماڻهو ڀَٽڪي ويندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڪنهن کي ڪمزور ڏسي آئون ڪمزور نٿو ٿيان؟ ۽ ڪنهن کي گمراهہ ٿيندو ڏسي منهنجو جيءُ نٿو جلي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن کي گمراهہ ٿيندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 ڪنھن کي ڪمزور ڏسي آءٌ ڪمزوري محسوس نہ ٿو ڪريان ڇا؟ جڏھن ڪو گمراھہ ٿو ٿئي تہ ڇا منھنجي دل نہ ٿي جلي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:29
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


تڏهن سندس چيلن کي پوِتر شاستر جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي ايشور! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.


ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري منڊليءَ کي ڇو ٿا نيچ سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي خاص مان ملي ٿو تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


اي بي‌سمجھہ! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.


سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو هم‌وشواسي ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجان.


پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.


ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


سو جيڪڏهن اوهين سچ پچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ پرارٿنا ٿا ڪريون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو.


جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ ناري ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنتياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي داسن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ جي سکيا ڏيئي ڀَٽڪائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ