Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:22 - Hindu Sindhi Bible

22 ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابرهام جي پيڙهيءَ مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي اسرائيلي آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آئون بہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ڇا ھو ئي عبراني آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي بني اسرائيل آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي ابراھيم جي نسل مان آھن؟ آءٌ بہ آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابرهام جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.


اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن.


ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو ختنو ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ موسيٰ جي نيم تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ