Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:18 - Hindu Sindhi Bible

18 جيئن ٻيا گھڻا ئي ماڻهو شرير جي لحاظ کان فخر ڪن ٿا. آءٌ بہ اهڙو ئي فخر ڪندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 جنهن صورت ۾ گهڻا جسماني طور فخر ٿا ڪن، تڏهن آئون بہ ڇو نہ فخر ڪريان.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جيئن ٻيا گھڻا ئي ماڻهو جسماني طور فخر ڪن ٿا. آءٌ بہ اهڙو ئي فخر ڪندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 جڏھن تہ ٻيا گھڻا ئي ماڻھو جسماني طور فخر ڪن ٿا، تڏھن آءٌ بہ فخر ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين تہ مسيح جي خاطر مورک ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين ٻلوان، اوهين مانوارا پر اسين بي‌مانا ٿا ليکجون.


تہ پوءِ جڏهن مون اهو منصوبو جوڙيو تڏهن ان ۾ ڦيرڦار جو سوچيو هئم ڇا؟ يا جن ڳالهين جو آءٌ ارادو ٿو ڪريان، سو ڇا سنساري ماڻهن وانگر ٿو ڪريان، جو ڪڏهن ”ها“ ڪريان تہ وري ساڳئي وقت ڪڏهن ”نہ“؟


اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي سيوا ڪن ٿا.


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاش‌واڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


آءٌ مورک تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ساراهہ نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا سنت سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.


پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجي ڪرپا تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي شڪتي ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي شڪتي منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ سنساري نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ سنساري نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


هن ڪري جو پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ