Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:16 - Hindu Sindhi Bible

16 آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ مورک نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي مورک ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 آئون وري بہ ٿو چوان تہ ڪوبہ ماڻهو مون کي بيوَقوف نہ سمجهي؛ پر جي ائين سمجهو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجهي قبول ڪريو، تہ آئون بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ بي‌وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي‌وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بي⁠وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي⁠وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي مورکتا کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين ايترا تہ ڏاها آهيو جو مورکن کي بہ خوشيءَ سان برداشت ڪريو ٿا.


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاش‌واڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


آءٌ مورک تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ساراهہ نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا سنت سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.


پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ مورک نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي.


پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ ايشور جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ