Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:13 - Hindu Sindhi Bible

13 حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو سنت نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جهڙو ٿا بڻائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو رسول نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جهڙو ٿا بڻائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:13
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهو نوڪر اندر آيو جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي سڌ هئي تہ اوهين سخت ماڻهو آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اهو لڻندا آهيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آهيو ۽ اهو گڏ ڪندا آهيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آهيو.


ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“


اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون.


خود اوهان منجھان ئي ڪي اهڙا ماڻهو نڪرندا جيڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائيندا تہ جيئن وشواسين کي برغلائي پاڻ ڏانهن ڪن.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا سيوڪ بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي سيوڪن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين ايشور کي حاضر ڄاڻيندي ايشور جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن.


ختني جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي يسوع مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


اهي نيم جا پابند اوهان کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ جذبو تہ رکن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آهي. اهي اوهان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن اوهين رڳو انهن لاءِ ئي جذبو رکو.


جيڪي ماڻهو مان جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي سوليءَ واري سکيا جي ڪري ستايا نہ وڃن.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن ڀَٽڪائيندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي سکيا جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي سوليءَ جا دشمن آهن.


ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ شرير کي وڍائڻ يعني ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.


هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀَٽڪائي نہ وجھي.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ ڀَٽڪائيندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن سنسار جي شروعاتي اصولن تي آهي.


پيارا ٻارؤ! هي انتم وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي سڌ پوي ٿي تہ هي ئي انتم وقت آهي.


اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌ڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ ناري ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنتياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي داسن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ جي سکيا ڏيئي ڀَٽڪائي ٿي.


”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ