Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:4 - Hindu Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار سنساري نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:4
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي مصرين جي سڄي ڏاهپ جي سکيا ڏني ويئي ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي.


رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون.


پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو وشواس ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ تي قائم هجي.


ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟


پرڀو يسوع اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي وشواس ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو پرڀو يسوع مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي قابليت ايشور جي طرفان آهي.


اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي شڪتي اسان جي نہ پر ايشور جي آهي.


سچو سنديش ٻڌائڻ سان ۽ ايشور جي شڪتيءَ سان اسين پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي وشواس ۽ پريم جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي مڪتيءَ جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت ايشور جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي وشواس ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


يسوع مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


وشواس جي ڪري ئي بني اسرائيل جڏهن يريحو شهر جي چوڌاري ست ڏينهن ڦيرا ڏنا تہ شهر جو ڪوٽ ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ