Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:13 - Hindu Sindhi Bible

13 پر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين. اسان جو سيوا وارو فخر رڳو انهيءَ حد جي اندر هوندو جيڪا ايشور اسان لاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 مگر اسين اُنهيءَ حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون جا خدا اسان کي مناسب ڄاڻي ورهائي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ خود اوهين بہ اچي ٿا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين. اسان جو خدمت وارو فخر رڳو انهيءَ حد جي اندر هوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 مگر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين، پر خدمت جي باري ۾ اسان جو فخر انھيءَ حد جي اندر ھوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آھي ۽ اوھين بہ ان ۾ شامل آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هر هڪ کي سندس قابليت موجب رقم ڏني. انهن مان هڪ کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ هزار ۽ ٽئين کي هڪ هزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي هليو ويو.


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن سنديش نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو سنديش ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“


آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي.


ايشور جيڪا ڪرپا اسان تي ڪئي آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا وردان مليا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليو آهي تہ هو پنهنجي وشواس جي اندازي موجب ايشور جو سنديش ٻڌائي.


منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان،


مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ٿي ڪري، جيڪا پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا وردان ورهائي ٿي ڏئي.


انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا ڪرپا بخشي آهي.


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ