Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:12 - Hindu Sindhi Bible

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي همت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري مورک ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو اسين اهڙا جرئت وارا نہ آهيون جو پاڻ کي انهن شخصن سان شمار ڪريون، يا انهن سان مقابلو ڪريون جي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن: پر اُهي پاڻهي پاڻ کي هڪ ٻئي سان آزمائي ۽ مقابلو ڪري نادان ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي جرئت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ’اي ايشور! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي ايشور جي وس هيٺ ڪرڻ لاءِ منهنجي چوڻ ۽ ڪرڻ جي وسيلي ڪيا.


اهڙا ماڻهو سمجھي ڇڏين تہ جهڙو پرپٺ اسين خطن ۾ لکون ٿا، تهڙو ئي روبرو عمل بہ ڪريون ٿا.


ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي ساراهہ پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو پرميشور آڏو سچو آهي.


ڇا اسين وري بہ پنهنجين خوبين جو بيان پيا ڪريون؟ يا ڇا اسان کي ڪن ماڻهن وانگر سفارشي خط اوهان وٽ آڻڻ يا اوهان کان وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي؟


اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ