Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيوت رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بي⁠خبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ پوِتر آتما هنن کي آسيا صوبي ۾ سنديش جي پرچار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا.


ائين چئي هن ماڻهن کي روانو ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا،


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي جيون لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.


واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي راڄ ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ راڄ ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ راڄ ڪريون ها.


سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر ايشور تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو.


جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيوت رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ