Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:3 - Hindu Sindhi Bible

3 مهما هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور ۽ پتا آهي. هو ديا وارو پتا ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ ايشور آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 واکاڻ هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا ۽ پيءُ آهي. هو رحم وارو پيءُ ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ساراھہ ٿي ڪجي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي، جيڪو رحم وارو پيءُ ۽ پوريءَ طرح دلداري ڏيندڙ خدا آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:3
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


يسوع کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پتا وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پتا ۽ اوهان جي پتا ڏانهن، يعني پنهنجي ايشور ۽ اوهان جي ايشور ڏانهن.“


پرڀو يسوع جو پتا يعني ايشور، جنهن جي شل هميشہ تائين مهما هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


پر ايشور جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آڪاش جي هر هڪ آتمڪ آسيس سان مالا مال ڪيو آهي.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”يسوع مسيح ئي پرڀو آهي،“ تہ جيئن ايشور پتا جي مهانتا جي مهما ٿئي.


اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ پرارٿنا ٿا ڪريون، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ادا ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.


شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن پنهنجي وڏي ديا سان يسوع مسيح جي مئلن مان وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيوت اميد پيدا ڪئي ويئي


آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پتا اسان کي حڪم ڏنو آهي.


جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ