Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:21 - Hindu Sindhi Bible

21 اهو ايشور ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. ايشور ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اهو خدا ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. خدا ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اھو خدا ئي آھي، جيڪو اسان ۽ اوھان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري قائم ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:21
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ جنهن کي ايشور موڪليو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ايشور کيس پنهنجي آتما بي‌حساب بخشي ٿو.


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.


پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پوِتر آتما موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ ايشور جي آتما رهي ٿي. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جي آتما نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


اهو ايشور ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پوِتر آتما بياني طور ڏني اٿائين.


هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجو جيون اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي سکيا ملي آهي، تيئن وشواس ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


سي شل اوهان جي دلين کي همت ڏين ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


پر پرڀو يسوع سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


هاڻي ايشور، جيڪو هر طرح جي ڪرپا جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي امر جوت ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پر اوهان تي پوِتر هستيءَ پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ