Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. ھي خط ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ۽ اخيا پرڳڻي ۾ رھندڙ سڀني ايمان وارن ڏانھن آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:1
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو.


ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين.


مون سان گڏ سيوا ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


جيڪا منڊلي سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ نمسڪار چئجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي نمسڪار چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي وشواس آندو هو.


اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي.


جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ پرميشور جي سيوا جو ڪم پيو ڪري.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن يسوع مسيح تي وشواس آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهن جي سيوا لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


اوهين جيڪي يسوع مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور جو پٽ يسوع مسيح جنهن جو پرچار مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪيو هو، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل ايشور منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.


مسيح جو حق سچ جيڪو مون ۾ آهي، تنهن کي اڳيان رکي چوان ٿو تہ اوهان جي صوبي اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انهيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ روڪي نہ ٿو سگھي.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مدد ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ماڻهن اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوهين اخيا صوبي جا ماڻهو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اوهان جي انهيءَ سرگرميءَ جو ٻڌي انهن مان گھڻن ۾ مدد ڪرڻ جو جوش پيدا ٿيو آهي.


هي خط مون پولس سنت جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ يسوع مسيح ۽ پتا يعني ايشور جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيوت ڪري اٿاريو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي ايشور جا ٻار بڻجي ويا آهيو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي يسوع مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو وشواسي ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ايشور جو سيواداري آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،


هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور ۽ اسان جي اميد مسيح يعني يسوع جي حڪم سان هن جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان، تہ جيئن انهيءَ وچن ڪيل جيون جو سنديش ٻڌايان جيڪو اسان کي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جو داس ۽ يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن وشواس ۾ مضبوط رهڻ لاءِ ايشور جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا ڌرمچاريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


هي خط مون پولس، جيڪو مسيح يعني يسوع جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ ساٿي سيواداري آهين.


آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي وشواسي ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ