Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 6:17 - Hindu Sindhi Bible

17 جيڪي هم‌وشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بي⁠بقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 6:17
62 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو منش‌پتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“


تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.


جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين.


جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي يسوع جو هڪ چيلو اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو.


غير وشواسي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.


هنن لفظن تي چيلا حيران ٿي ويا. سو يسوع هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.


اتي زڪئي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاهوڪار بہ هو.


هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“


تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل بخشيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“


اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو.


هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي سيوا ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي جيون، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو.


ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي وشواس نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي وشواس آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.


ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوجا کي ڇڏي ايشور ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين جيوت ۽ سچي ايشور جي ڀڳتي ڪريو


جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي سکيا نہ ڏين،


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيوت ايشور تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري وشواسين کي مڪتي ڏيندڙ آهي.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، يسوع مسيح ۽ آڪاشي دوتن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن ساڙ جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، جيڪو هر جاندار کي جيون ٿو بخشي ۽ يسوع مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي مورکتا ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


اها ڪرپا اسان کي هيءَ سکيا ٿي ڏئي تہ سنساري خواهشن ۽ بي‌ڌرميءَ کي ڇڏي اسين هن انتم زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان جيون گذاريون.


اها پوِتر آتما اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جھجھي انداز ۾ اسان تي پرگھٽ ڪئي،


بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ