Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 5:3 - Hindu Sindhi Bible

3 انهن وڌوائن جو پوريءَ طرح مان ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جيڪي بيوهہ زالون سچ پچ بيوهہ آهن، تن کي عزت ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهن رنن‌زالن جي پوريءَ طرح عزت ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 انھن رنن⁠زالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچ⁠پچ نڌڻڪيون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 5:3
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پتا جو مان نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري ايشور جي وچن کي رد ڪريو ٿا.


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين آڪاش جي راڄ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماتا جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا وڌوا هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا.


جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي وڌوائون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.


پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.


اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.


وڏي عمر وارين نارين کي ماتا وانگر ۽ جوان نارين کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پوِترتائيءَ سان سمجھاءِ.


اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


سڀني جو مان‌سمان ڪريو، وشواسي ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، ايشور جو خوف رکو ۽ مهاراجا جو مان‌سمان ڪريو.


اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ