Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 5:15 - Hindu Sindhi Bible

15 آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چاهيان جو هن کان اڳ ڪي وڌوائون ڀَٽڪي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو هن کان اڳيئي ڪي شيطان جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چاهيان جو هن کان اڳ ڪي رنون‌زالون گمراهہ ٿي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ڇالاءِ⁠جو ھن کان اڳ ئي ڪي رنون⁠زالون گمراھہ ٿي ڪري شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 5:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ايشور جي نندا کان مُڙي وڃڻ سکن.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن.


اهي سچ کان ڀَٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو وشواس بگاڙين ٿا.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ