Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 5:5 - Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو واسطو آهي. هائو، اسان وشواسين جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ واسطو ڪونهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اوهين سڀ روشنائيءَ جا ٻار ۽ ڏينهن جا فرزند آهيو: اسين رات جا ناهيون، نڪي اونداهيءَ جا آهيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو تعلق آهي. هائو، اسان ايمان وارن جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 5:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي وشواس آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي وشواس ۽ پريم جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي مڪتيءَ جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


تڏهن بہ جيڪو حڪم آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان، سو نئون آهي جو انهيءَ جي سچائي مسيح جي ۽ اوهان جي جيون مان ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ڇاڪاڻ تہ اونداهي ختم ٿي رهي آهي ۽ حقيقي روشنيءَ جي چمڪ وڌي رهي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ