Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 4:15 - Hindu Sindhi Bible

15 انهيءَ بابت اسين اوهان کي پرڀو يسوع جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيوت هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 انهي ڪري اسين خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون، تہ اسين جي جيئرا آهيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آهيون، سي انهن کان، جي گذر ڪري ويا آهن، ڪنهن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ بابت اسين اوهان کي خداوند عيسيٰ جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيئرا هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 4:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي يسوع پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا راجا ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“


تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي وشواس رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا.


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاش‌واڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جنهن پرڀو يسوع مسيح کي مئلن مان جيوت ڪيو آهي، سو يسوع سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيوت ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


هائو، اها خوشخبري مون کي ڪنهن انسان کان نہ ملي آهي، نڪي ڪنهن مون کي سيکاري آهي. پر يسوع مسيح پاڻ ظاهر ٿي اها منهنجي حوالي ڪئي آهي.


ڀلا، اسان جي پرڀو يسوع جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس شرڻ ۾ حاضر هوندا؟


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي وشواسي قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيوت هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيوت رهون.


جڏهن اسان جو پرڀو يسوع مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين وينتي ٿا ڪريون تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ