Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:19 - Hindu Sindhi Bible

19 ڀلا، اسان جي پرڀو يسوع جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس شرڻ ۾ حاضر هوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڀلا، اسان جي خداوند عيسيٰ جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس حضور ۾ حاضر هوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:19
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


جيڪڏهن ڪو هن ڀَٽڪيل ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ منش‌پتر بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي جوت ۾ پوِتر دوتن سان گڏ ايندو.“


يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“


پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيوت ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيوت ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.


تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.


۽ انهن منجھہ جيون جي سنديش تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


هائو، اسان جو فخر ۽ خوشي اوهين ئي تہ آهيو.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


انهيءَ بابت اسين اوهان کي پرڀو يسوع جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيوت هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن.


شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


تنهنڪري اسين پاڻ ايشور جي ٻين منڊلين ۾ اوهان بابت فخر ٿا ڪريون تہ اوهين ڪيڏي نہ ثابت قدميءَ سان پنهنجي وشواس تي قائم آهيو، توڙي جو ظلم ۽ تڪليفون پيا سهو.


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو پرڀو يسوع پنهنجي دوتن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آڪاش مان ظاهر ٿيندو


جڏهن اسان جو پرڀو يسوع مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين وينتي ٿا ڪريون تہ


ان سان گڏ اسين انهيءَ آسيس ڀري اميد، يعني يسوع مسيح جيڪو اسان جو مهان ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ڌيرج ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين ڌيرج ٿو ڪري.


اوهين بہ ڌيرج ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جو اچڻ ويجھو آهي.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جوت وارو اهڙو تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


اسان پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي شڪتيءَ ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو ڦل مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ